لاهور(شوبز نيوز) سينيئر اداڪارا نور بخاري چيو آهي ته انجلينا جولي کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسي عجيب شرمندگي ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ نور بخاري جتي انجلينا جولي جي تعريف ڪئي اتي پاڪستاني فنڪارن تي تنقيد ڪندي لکيو آهي ته حديقه ڪياني ۽ ريشم کانسواءِ ناليواري اداڪار جيڪي پنهنجي فلم جي پروموشن لاءِ هر شاپنگ مال ۽ هر گليءَ ۾ نچي رهيا هوندا آهن اهي ڪٿي به نظر نه آيا. هن وڌيڪ لکيو ته عوام انهن سمورن جعلي اداڪارن کي فالو ڪرڻ بند ڪري. واضح رهي ته عالمي شهرت يافتا هالي ووڊ اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي خاص سفير انجلينا جولي 20 سيپٽمبر تي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان پهتي هئي.