خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو سردار ڳڙھ جي علائقي ھيکل پٽ ۾ پورھيت الهڏنو ۽ امام بخش منڱڻھار جي گھرن کي باھ لڳڻ ڪري گهرن ۾ موجود اناج، ھڪ موٽر سائيڪل، نياڻي جي شادي لاءِ گڏ ڪيل هڪ لک روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ويو، ڳوٺاڻن موجب باھ سولر پليٽن جي تارن مان شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آھي، باهه سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، هوڏانهن اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھتو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي ورتي.