ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري مان ڏيڍ مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان سيد امداد شاهه جي آزادي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زين شاهه، صداقت شاهه، صدام ۽ ٻين چيو ته سندن نوجوان کي ڏيڍ مهينو اڳ بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.