اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان ڳوٺ غلام عباس شر جو نوجوان وليداد شر سائي جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي، الهداد شر صحافين کي ٻڌايو ته الهه تلهه وڪڻڻ سان گڏ زرعي زمين وڪڻي ڀاءُ جو علاج ڪرايو پر ڪو فرق ناهي پيو، هن چيو ته ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق سندس جيرو ختم ٿي چڪو آ هي ۽ پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جنهن ڪري سندس ڀاءُ جي جگر جي پيوند ڪاري ٿيندي، هن اپيل ڪندي چيو ته ڀاءُ جي علاج ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.