خانپورمھر (ن پ ا) خانپور مھر جي ڌام محلي مان واپاري امر لال جي گھر مان چور 70 تولا سون ۽ 20 لک روڪ چوري ٿيڻ خلاف واپارين ڪاروبار بند ڪري امرلال، اميت ڪمار، نيوند رام، سندرداس جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پنج گل چوڪ وٽ ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري انھن کي ڇڏي ڏنو آھي، چوري ٿيل سونا زيور ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي. ھوڏانھن واپارين جي احتجاج بعد اي ايس پي گھوٽڪي جھانداد اڪرم واپاري جي گھر پھچي معائنو ڪري چوري جا تفصيل ورتا، اي ايس پي گھوٽڪي ھندو برادري کي دلاسا ۽ مھلت گھرندو رھيو، ھندو برادري اي ايس پي گھوٽڪي کي ڪجهه ڏينھن جي ملھت ڏني.اي ايس پي گھوٽڪي جھانداد اڪرم چيو ته ڏوھ ٿيندو آھي پر ان جي واپسي ۾ ڪجهه وقت لڳندو آھي، چوري ٿيل سونا زيور ۽ رقم جلد واپس ڪرائي ويندي.