گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان پهوڙ ۾ پلاٽ مامري تان پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ ھڪ ڌر جا محمد نواز پهوڙ، ٻروچ پهوڙ، الھڏتو پهوڙ ۽ 3 عورتون جڏهن ته ٻئي ڌر جا علي گوهر پهوڙ, غلام نبي, رسول بخش, عثمان, ابوبڪر, عمر پهوڙ سميت ٻنهي ڌرين جا 13ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاء سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو جتي ٻن زخمين جي حالت نازڪ هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو گهوٽڪي پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ٻنهي ڌرين جي زخمين کي علاج لاء ميڊيڪل ليٽر ڏنو ويو آھي.هوڏانهن ڳوٺ گلڻ جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 4 ڄڻا بھاول جتوئي، محمد جھنگل جتوئي، نادر علي جتوئي ۽ هڪ عورت الھبچائي جتوئي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو سول اسپتال گهوٽڪي ۾ زخمين بھاول جتوئي,محمد جھنگل جتوئي,نادر علي جتوئي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته چيو ته حارف جتوئي,خالد جتوئي,طارق علي جتوئي ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري زخمي ڪيو آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.