ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري جي ڳوٺ ڀارمل جي رهواسي نوجوان جو عمرڪوٽ جي حد جي ڳوٺ ماروهر ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ، وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان سواءِ لاش کڻائي روانا ٿي ويا. خبر موجب ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ڀارمل جي رهواسي 20 ورهين جي ڌنيش پٽ سونو مل ميگهواڙ جو لاش عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ ماروهر ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد ڇاڇرو جي ڳوٺ ڀارمل مان نوجوان جا وارث ماروهر پهتا. ساڳئي وقت کوکراپار ٿاڻي جي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي. پوليس نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش لاهي اسپتال کڻي وڃڻ چاهيو پر وارثن پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي نوجوان ڌنيش ڄاڻايل ڳوٺ جي پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد طور پڙهائيندو هو. وارثن موجب نوجوان ناناڻن وٽ رهندو هو، خبر نٿي پوي ته هن آپگهات ڇو ڪيو؟