گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ ريلوي ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي ايس سکر خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊي ايس سکر عبدالرحمان ملازم دشمن آفيسر آهي جنهن کي بنادير هٽايو وڃي. ان موقعي تي احتجاج ڪندي ريلوي ملازمن غلام محمد مري، نجم مهر، منظور مهر، شمشاد مري ۽ ٻين ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪندي چيو ته ڊي ايس سکر ريلوي عبدالرحمان ملازم دشمن آفيسر آهي جيڪو بنا وجھ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس ڏئي تنگ ڪري رهيو آهي ۽ ڪافي ملازمن سان بداخلاقي ڪئي آهي. ڊي ايس جي اهڙي عمل خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري سراپا احتجاج آهيون. هوڏانهن ملازمن جي احتجاج بعد ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڊي ايس سکر ملازمن وٽ پهچي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس سمورا مطالبه مڃي ورتا آهن. جنهن بعد ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ختم ڪندي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.