خانپور مهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڪريمداد گڏاڻيءَ ۾ جوابدارن حملو ڪري ڳوٺاڻي علي مراد گڏاڻيءَ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پھچي زخمي ڳوٺاڻي مقامي اسپتال پهچايو، جتان زخمي ڳوٺاڻي کي ڳڻتي جوڳي  سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو.