خانواھڻ (ن پ ا) خانواھڻ ڀرسان ڳوٺ شادن خان مري ۾ 8 مهينا اڳ ڪونڌر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 20 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن جاويد علي ۽ سجاد احمد واري مامري جي نبيري لاءِ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر نثار عباسي، نبي رضا ڪونڌر، عبدالله ڪونڌر ۽ گلزار ورڙ جي قيادت ۾ منٿ ميڙ قافلو مقتولن جي وارثن وٽ پهتو، جتي مارجي ويل ٻنهي ڀائرن جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلو ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري ۽ چيو ته ڪجھه ڏينھن ۾ برادري جي چڱن مڙسن وٽ فيصلو ڪرايو ويندو، هوڏانهن ٻنهي ڌرين طرفان نبيري لاءِ رضامندي ڪرڻ تي علائقي جي ماڻهن سرهائي جو اظهار ڪيو آهي، ياد رهي ته 8 مهينا اڳ ڪونڌر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 20 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان تڪرار ڪر کنيو هئو، جنهن ۾ 2 ڀائر جاويد علي ۽ سجاد احمد ڪونڌر مارجي ويا هئا.