ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ (خالق جوڻيجو گروپ) جي سربراهه  عبدالخالق جوڻيجو چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جديد قومپرستي جو باني هو،  هن سنڌي قوم کي عدم تشدد جي واٽ تي هلي جدوجهد ڪرڻ جو  درس ڏنو، سائين جي ايم سيد  آخري دم تائين ماروئڙن جي ڳالهه ڪئي،  اڄ به هزارين نوجوان سندس ڏنل نظرئي تي هلن پيا، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران  سائين جي ايم سيد جي  سالگرهه جي حوالي سان ڪوٺايل  تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ اندر ڌارين جي  آبادڪاري روڪي وڃي،  سنڌو درياءَ تي ڊيمن جي اڏاوت روڪي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي ورڇ 1945 واري ٺاهه مطابق ڪئي وڃي، تقريب کي   هاشم کوسو ، سارنگ جويو، سهڻي جويو  ۽ ٻين خطاب ڪيو