ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه جي وائيس چانسلرن جي ملازمن سان نامناسب رويي خلاف آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي سڏ تي فيڊريشن چيئرمين محمد علي گهانگهرو ۽ مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن صدر علي محمد شورو جي اڳواڻي ۾ يار محمد لغاري، احمد علي ڪنڀار، هاشم ڏاهاڻي، يار محمد لاشاري، سيد گنبل شاھ، جان محمد ڏاهاڻي ۽ ممتاز شورو سميت مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن سنڌ يونيورسٽي سي اين جي اسٽيشن کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو ته پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه جا وائيس چانسلر مسلسل ملازمن سان ناجائزين ڪري رهيا آهن 5 ڏينهن کان پپيلز ميڊيڪل يونيورسٽي جا ملازم پريس ڪلب نوابشاهه تي ويٺا آهن پر ان يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازمن سان پڻ وائيس چانسلر ملازمن جي حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي جيڪو سراسر زيادتي آهي ملازمن جي حقن جي علمبردار اُنھن جون يونين هونديون آهن پر قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر اها اليڪشن به ڪرائڻ جي اجازت نٿو ڏئي اجازت ته ٺهيو پر وائيس چانسلر ملازمن کي هيسائي رهيو آهي. اسان آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن آهي واضح ٿا ڪيئن ته جيڪڏهن ملازمن جي جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته انهن وائيس چانسلرن جي خلاف سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ احتجاج ڪيو ويندو.