لاهور (م ڊ) سينيئر قانوندان بئرسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت ڳالهين مان نڪرڻ چاهي ٿي، اهي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته عدالت 90 ڏينهن جي معاملي تي مجبور ٿي وڃي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پرويز الاهي جي گهر جو در بڪتربند گاڏي سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نئين قسم جون روايتون ڇو پيون وڌيون وڃن؟ اهڙين ڪارروائين سان ڪجهه نه ٿيندو، پوليس جي اهڙن قدمن سان وفاق ۽ نگران حڪومت کي نقصان پهچندو، اهو نه سوچيو ته ان فلم سان ماڻهو ڊڄي ويندا. هن چيو ته حڪومت ڳالهين مان نڪرڻ چاهي ٿي، اهي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته عدالت 90 ڏينهن جي معاملي تي مجبور ٿي وڃي، ڳالهين جي معاملي کي تحريڪ انصاف سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي، سپريم ڪورٽ 14 مئي جا حڪم ڪيا هئا، عمل ڪرڻ ضروري آهي.