لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پُٽ جي مبينا آڊيو ليڪ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته رٽائرمينٽ کانپوءِ اهو حال آهي ته اُن وقت ڪهڙو حال هوندو، جڏهن اِهي عهدن تي هئا، سوچو ته اهي ماڻهو طاقت جي نشي ۾ پنهنجي ڪرُسين تي وقت جا فرعون بڻيل هئا، اُن وقت اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيئن ڪندا هوندا؟ هن چيو ته نواز شريف چُپ آهي، پر سندس خلاف سازشن جو چهرو ۽ ڳٺ جوڙ روزانو رُسوا ٿي رهيو آهي، دُنيا ۾ اڄ تائين اهڙو مڪروهه عدالتي مذاق ڪنهن به رياست سان نه ٿيو هوندو، مريم نواز چيو ته عمران خان ۽ اُن کي مڙهيندڙ ملڪ جا ڏوهاري آهن، اهي سزا جا حقدار آهن ۽ رياست انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي.