اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ)  وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ معاهدو ٿيڻ ۾ دير جي ڪري مالي سال 2023-24ع جي وفاقي بجيٽ جي تياري ۾ شديد ڏکيائين جو انڪشاف ٿيو آهي، ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ فنانسنگ سان گڏوگڏ ڊالر ۽ رپئي جي شرح جي تناسب جو تعين نه ٿيڻ ڪري بجيٽ جو ڪاٿو طئي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، آدمشماري جي آخري مرحلي سبب به ڪاٿو طئي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، اڃا تائين بجيٽ جي حڪمت عملي کي دستاويزي سطح تي تيار ناهي ڪيو ويو، عام طور اسٽريٽجي پيپر جنهن جي اپريل جي ٻئي هفتي ۾ ڪابينا مان منظوري وٺڻي هئي پر اهو تيار ئي ناهي ٿي سگهيو، امڪان آهي ته بجيٽ آءِ ايم ايف جي هدايتن جي روشني ۾ تيار ڪئي ويندي.ذريعن موجب عالمي مالياتي فنڊ کان قرض پروگرام جو ٽريڪ تي نه اچڻ به بجيٽ جي تارين ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته حڪومت پاران بجيٽ جون جي پهرين هفتي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو پلان آهي پر اسٽريٽجي پيپر اڃا تائين تيار ناهي ٿي سگهيو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف معاهدي ۾ دير سبب ترقياتي ۽ جاري خرچن لاءِ بجيٽ حدف مقرر ڪرڻ جو شيڊول به متاثر ٿي رهيو آهي، سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس به اڃا طلب ناهي ڪيو ويو، بجيٽ بابت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس مئي جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو، بجيٽ دستاويز کي مئي جي آخر تائين حتمي شڪل ڏني ويندي، ٽيڪس، روينيو، مالي خسارو، ترقياتي بجيٽ سميت اهم بجيٽ حدف آءِ ايم ايف جي منظوري بعد طئي ڪيا ويندا.