حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) جوڻيجو ڪالوني ۾ گهر ٻاهران گهٽي ۾ راند کيڏندڙ 6 ورهين جي نينگر اسد ترين پٽ عبدالله بنگالي، 5 سال جي نينگري مسينا ڌيءُ قاسم پٺاڻ ۽ 4 سال جي مروا ڌيءُ تراب کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو.  علائقي واسين ٻارن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، نينگر اسد جو والد عبدالله ڪتن کي مارڻ لاءِ روانو ٿيو، جتي کيس دل ۾ تڪليف ٿي ۽ هو بيهوش ٿي ويو. پاڙي وارن فوري طور کيس سول اسپتال منتقل ڪيو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سائيٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع تي سول اسپتال پهچي انهن ضروري ڪارروائي مڪمل ڪندي علاج لاءِ ٻارن کي ليٽر به فراهم ڪيا آهن ته جيئن بهتر نموني سندن علاج ٿي سگهي. پوليس تصديق ڪئي ته ڪتي ڏاڙهيل نينگر اسد جو والد عبدالله صدمي ۾ فوت ٿي ويو آهي.  پوليس موجب اڃا تائين وارثن واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪرايو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ٿيون جنهن ۾ نظر اچي ٿو ته ٻارن جا وارث علائقن ۾ ڪتن کي ڳولي ڳولي لٺيون هڻي ماري رهيا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رولو ڪتن جي آزار باوجود ٽي ايم اي لطيف آباد توڙي ضلعي انتظاميا ڪتا مار مهم شروع نٿي ڪري جنهن ڪري رولو ڪتا روزانو گهٽين ۾ ولرن جي صورت ۾ پهچن ٿا جتي هو ايندڙ ويندڙ ماڻهن توڙي گهٽي ۾ راند ڪندڙ ٻارن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو ڇڏين پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.