اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آھي ته وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد جي ريڊ زون جي حدن ۾ توسيع ڪرڻ جو فيصلو سياسي ٽڪراءَ کي دعوت ڏيڻ آھي حڪومت پاران ريڊ زون کي زيرو پوانٽ تائين توسيع ڏيڻ  سپريم ڪورٽ پاران لانگ مارچ جي ڏنل اجازت جي نفي آھي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته 4 نومبر جمعي ڏينهن تي اسان روات کان لانگ مارچ جو اسلام آباد طرف روانو ٿيڻ لاءِ تاريخي استقبال ڪنداسين، حڪومت اليڪشن کان فرار چاهي ٿي اها ڳالهين جو ڍونگ رچائي رهي آھي، جيڪي حقيقي طور بااختيار آھن اهي ملڪ جي بهتري لاءِ چونڊون ڪرائن، شيخ رشيد چيو ته ايف آءِ اي منهنجي گرفتاري لاءِ پنجاب پوليس تي دٻاءُ وجهي رهي آھي،31 آڪٽوبر (اڄ) منهنجي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي.