سيوهڻ/ڀان سيدآباد (رپورٽ: اشرف عطار+ آصف علي ميمڻ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر پنجاب بليغ الرحمان سان گڏ منڇر ڍنڍ ۽ سيوهڻ جو دورو ڪري ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي درگاهه قلندر لعل شهباز تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر پنجاب بليغ الرحمان چيو ته عمران خان جي ٻوڏ تي ڪڏهن به توجهه نه رهي آهي، سندس ڌيان فقط عام چونڊن تي آهي، جيڪي پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون،  هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري وڏي تباهي آئي آهي، پنجاب جي خانگي شعبي جي ماڻهن سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 11 هزار راشن بيگس عطيو ڪيا آهن، وڌيڪ پڻ مدد ڪئي ويندي،  سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب کي ٻڌايو ته ٻوڏ جي ڪري اسان جي عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ آئون پنجاب جي دوستن جو ٿورائتو آهيان جن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي،مراد شاهه چيو ته  سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪري چڪا آهيون،   باقي ڪجهه علائقن قمبر شھدادڪوٽ،  جوھي ۽ سيوھڻ تعلقن مان به بچيل پاڻي جلد نيڪال ڪنداسين، جئين   ڪڻڪ جي پوکائي ڪري سگهجي، هن چيو ته  ھاڻي اسان جي سڄي توجهه متاثر روڊن، گھرن ۽ آبپاشي سسٽم جي بحالي تي آهي،  جنهن لاءِ  ورلڊ بئنڪ سان ملي پيڪيج ٺاهي رھيا آهيون،  جنهن لاءِ سمورو پلان جوڙي ورتو آهي،  جڏهن ته ان ۾ پنجاب جي نجي شعبي پاران پڻ سنڌ حڪومت ۽ ٻوڏ متاثر عوام جي وڏي مدد ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي آبادگارن کي سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت  گڏجي ھاڻي ڪڻڪ جو ٻج ڏيڻ بدران روڪ رقم مھيا ڪندي. ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ نوجوانن جي قتل  واري واقعي تي وڏي وزير افسوس جو اظهارڪيو ۽ چيو ته تمام جلد قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو،  هڪ سوال تي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته هي وقت سياست  کان وڌيڪ عوام جي مدد ڪرڻ جو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي پنجاب حڪومت جي حمايت هوندي به اها موٽ نه ملي آهي، ان کان اڳ منڇر ڍنڍ ويجهو  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب سان گڏ جي متاثرن ۾ راشن ورهايو ، بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب بليغ الرحمان سان گڏ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽوٽ  ميڊيڪل سائنسزسيوهڻ   جو دورو ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ جا مختلف وارڊ گهمي ڏٺا ۽ مريضن جي عيادت ڪئي. جڏهن ته گورنر پنجاب  ۽ وڏي وزير سنڌ پاران سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ۾ جديد ٽيڪنالوجي سان ٺهيل آپريشن ٿريٽر جو به افتتاح ڪيو.