اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي تعداد جي حوالي سان اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جا هڪ ڀيرو ٻيهر متضاد انگ اکر سامهون آيا آهن، اين ڊي ايم اي ڪالهه 30 آڪٽوبر تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻوڏ سبب سنڌ صوبي اندر ڪل 1 ڪروڙ 45 لک 63 هزار 770 شهري متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي جڏهن ته پي ڊي ايم اي سنڌ ساڳئي ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ سنڌ صوبي اندر ڪل 1 ڪروڙ 23 لک 56 هزار 860 شهري متاثر ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آھي يعني 22 لک 6 هزار 910 انگ گهٽ ڏيکاريو آهي. پي ڊي ايم رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته سنڌ اندر ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل شهرين جو تعداد 50 لک 58 هزار 187 آھي، جڏهن ته 12 ڏينهن اڳ رپورٽ ۾ بي گهر ٿيلن جو تعداد 61 لک 77 هزار 947 ڄاڻايو هيو، يعني پي ڊي ايم اي پنهنجي رپورٽ جي ڀيٽ ۾12ڏينهن بعد تعداد 11 لک 19 هزار 760 گهٽ ڏيکاريو آهي. پي ڊي ايم اي رپورٽ ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ڪل 796 ڄڻا فوت ٿيا آھن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ ٻار 337، عورتون 150 ۽ فوت ٿيل 309 مرد شامل آھن ، 4 لک 36 هزار 435 چوپايو مال مري ويو، اهڙي ريت  ڪل 18 لک 85 هزار 29 گهر متاثر ٿيا جن ۾ مڪمل طور 7 لک 16 هزار 819 ۽ 11 لک 68 هزار 210 جزوي طور تباهه ٿيل گهر شامل آھن ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 37 لک 77 هزار 272 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آھي سنڌ ۾ 8389 ڪلوميٽر روڊ،165 پلون به متاثر ٿيون آھن.