سيئول(م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي راڄڌاني ۾ هالووين فيسٽيول ۾ ڀاڄ پوڻ سبب 153 ماڻهو مارجي ويا ملڪ ۾ قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فوتين ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هالووين جشن ملهائيندڙ ميڙ هڪ گهٽي ۾ داخل ٿيو. فوتين جي ان ۾ اضافي جو خدشو آهي.  133 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن مان 37 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.