قاضي احمد (ن پ ا) مڪاني چونڊن جي حوالي سان ايس يو پي جي مرڪزي صدر زين شاهه، چوڌري عارف نياز ۽ سجاد علي لاکو جي اڳواڻي ۾ قافلو قاضي احمد پھتو، جتي شھرين سندس زبردست استقبال ڪري گل ورکا ڪئي، ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ ھميشه جعلي اليڪشن ڪرائيندي آهي،  ھن چيو ته آر اوز پ پ اڳواڻن جا من پسند رکيا ويا آهن جنهن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت پوليس ذريعي اليڪشن کٽڻ چاھي ٿي، جڏهن ته اسان جو جهاد جاري رھندو،