باڊھه (ن پ ا) موهن جو دڙو ويجهو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ رات دير سان نامعلوم چور  اڳوڻي ڊائريڪٽر انفارميشن ۽ نامياري ليکڪ قربان پيرزادو جي گهر جي ڀت ٽپي گهر ۾ پيل الماڙين جا تالا توڙي  لائسن وارا 5 هٿيار، سونا زيور، روڪ رقم جنهن جي ماليت 50 لکن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، چوري ڪري فرار ٿي ويا،  جڏهن  ته اهڙو اطلاع متاثرن پاران ايئرپورٽ پوليس کي پڻ ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان  گهر ڌڻين ٻڌايو ته  پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا ويندا، هوڏانهن ايئرپورٽ پوليس موجب ته چورن جا پيرا کنيا پيا وڃن، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.