چوھڙجمالي (رپورٽ:حميدالله ميمڻ) چوھڙجمالي ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون عروج تي پھچي ويون، شھر چوھڙجمالي جي ستن وارڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، جي يو آئي ۽ آزاد 59 اميدوارن جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ٿي ويا آهن، پ پ سان لاڳاپيل ڌرين هڪ ٻئي سامهون اميدوار بيهاري ڇڏيا آهن، ستن وارڊن مان 5 پنجن وارڊن ۾ پ پ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيا، وارڊ 2 تي  علي اصغر جمالي 3 تي ھوت خان سنجراڻي، 4 تي دين محمد ملاح، 6 تي شڪيل کٽي ۽ وارڊ 7 تي رياض سسيو اميدوار آهي، وارڊ 5 ۽ 1 تي اميدوار نامزد نه ڪيا ويا. جي يو آئي پڻ اميدوار نامزد ڪري سرگرميون شروع ڪيون. وارڊ 5 تي حفيظ الرحمان ميمڻ، سڪندر اعظم ميمڻ سميت سميت 14 اميدوارن فارم ڀرايا. يونين ڪاؤنسل ڇڇ جھان خان مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن چيئرمين گل محمد جت. وائيس چيئرمين شبير ٿھيم، ضلع ڪاؤنسل جي سيٽ تي محمد حنيف جت سميت سموري يونين ڪائونسل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن  جاتي تعلقي جي  يوسي غلام الله اوٺو تي پ پ اميدوارن ضلع ڪائونسل تي غلام الله اوٺو چيئرمين قمر زمان اوٺو سميت چئن وارڊن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا شاھبندر  جي جونگو جلباڻي،  دولتپور، لاڏيون، گونگاڻي، جان محمد جت ۽ شاھبندر ۾ پ پ سامھون جي يو آئي سميت آزاد اميدوارن فارم ڀرائي ڇڏيا. هوڏانهن پ پ اميدوارن سامهون اڪثر شيرازي برادري جا ماڻهو هجڻ ڪري پ پ ٻڏ تر جو شڪار آهي.