اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت چيف جسٽس سوڌو 3 ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته چيف جسٽس سميت ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ٿي سگهي ٿو. هڪ انٽرويو ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته چيف جسٽس سميت ٽنهي ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو معاملو غور هيٺ آهي، ريفرنس داخل ڪرڻ جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو پر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ٽنهي ججن جو وڏو ڊگهو رڪارڊ آهي، انهن اهڙا فيصلا ڏنا، جيڪي نواز ليگ خلاف هئا، هڪ فيصلو اهڙو به آهي، جنهن کي رڳو نواز ليگ ئي غلط نه ٿي چوي پر هر اهو شخص جيڪو ٿورو گهڻو آئين ڄاڻي ٿو اهو ان کي آئين ٻيهر لکڻ قرار ڏئي ٿو، اهو فيصلو 63 اي مطابق آهي، جنهن تحت پنجاب ۾ نواز ليگ جي حڪومت ختم ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته هاڻ به ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ٽئي جج صاحب هر قيمت تي اهو فيصلو پاڻ ڪرڻ تي بضد آهن، 9 رڪني بينچ ٺهي، پوءِ 7 رڪني رهجي وئي، پوءِ 5 ۽ 4 جي بينچ ٿي،هاڻ اها 3 رڪني بينچ بڻجي وئي آهي.