راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته لنڊن ۾ ويٺل هڪ روپوش ۽ عدالتي ڀڳوڙو عدليا تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ سسلين مافيا جو عملي مظاهرو ڪري رهيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيخ رشيد احمد لکيو ته ماڻهو بک سبب راشن وٺڻ دوران پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن. اميد آهي ته هن هفتي دوران عدليا جو آئيني ۽ قانوني تاريخي فيصلو سامهون اچي ويندو، جيڪو به سپريم ڪورٽ خلاف جنگ جو اعلان ڪندو انهن خلاف سموري قوم روڊن تي هوندي، چونڊون ئي ملڪ کي افراتفري ۽ رتوڇاڻ کان بچائي سگهن ٿيون. هن چيو ته رانا ثناءُ الله جا اعلان کليل جنگ ۽ عوام دشمني جي برابر آهن، ناڻي واري وزير جا بيان نااهلي جو اعتراف آهي. پنجاب ۾ 10 ڏينهن لاءِ رينجرز لڳائڻ حڪومت جي نيتن جي نشاندهي ڪري ٿو، حڪومت جا بيان ٻڌائين ٿا ته هو آئين ۽ قانون جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ عوام چونڊن جي مقابلي لاءِ تيار رهي. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عدالتي سڌارا بل آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي. ملڪ بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ايندڙ هفتو اهم ترين هوندو، حڪومت عدليا تي هر طرف کان دٻاءُ وجهي رهي آهي. عدليا اهوئي ڪندي جيڪو آئين ۽ قانون موجب هوندو. سموري قوم عدليا سان گڏ بيٺل آهي نااهل حڪومت ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.