اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُالله عباسي کي هٽائي سندس جاءِ تي رائو طاهر کي مقرر ڪري  ڇڏيو، وفاقي ڪابينا اي سي ايل بابت قانون جي وفاقي وزير جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪاميٽي قائم ڪندي ٽن ڏينهن ۾ سفارشن تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي ڪابينا ثناءُ الله عباسي کي هٽائي رائو طاهر کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي هن چيو ته  وفاقي ڪابينا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت 4 رڪني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ان ڪاميٽي جي سربراهي قانون جو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ڪندو، ڪاميٽي ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، اياز صادق شامل هوندا، اها ڪاميٽي ٽن ڏينهن ۾ ڪابينا ۾ رپورٽ پيش ڪندي، مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت اسٽاپ لسٽ ۽ واچ لسٽ اڳوڻي وزيراعظم جي حڪم تي هلائيندي رهي، اڳوڻي حڪومت پاران آندل واچ لسٽ ۽ اسٽاپ لسٽ سبب هاڻي اڳوڻي حڪومت جا اڳواڻ ئي عدالت کان آرڊر وٺي رهيا آهن، هن چيو ته جڏهن نيب ۽ اسيٽس رڪوري يونٽ ذريعي اپوزيشن خلاف ڪجهه نه نڪتو ته اڳوڻي وزيراعطم پاران شهباز شريف خلاف ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته اڳوڻي پوري ڪابينا جو اي سي ايل ۾ نالو هجڻ گهرجي، اهي بريف ڪيس کڻي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن.