عمران خان جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ريحام ۽ مشي خان ۾ جهيڙو جاري

0
246
عمران خان جي حمايت

ڪراچي (شوبز نيوز) اڳوڻي پروڊيوسر ريحام خان ۽ اداڪارا مشي خان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مخالفت ۽ حمايت ۾ هڪ ٻئي تي تنقيد ڪئي آهي. گذريل ڏينهن ميزبان ۽ اداڪارا مشي خان ريحام خان کي اداڪارن جي عمرا ن جي حمايت ڪرڻ تي تنقيد ڪرڻ تي جواب ڏنو هو

مشي خان جو چوڻ هو ته هن اڃان ريحام خان صاحبا جو هڪ ٽوئيٽ پڙهيو جنهن ۾ اهو لکيل هو ته ممي ڊيڊي اداڪار جيڪي عمران خان جي حڪومت وڃڻ تي احتجاج ڪري رهيا آهن اهي احتجاج جيڪڏهن ڪشمير جي عوام لاءِ ڪن ٿا ته ڇا ڳالهه ٿئي ٿا، ته ڪشمير لاءِ احتجاج ريحام خان ڪري وٺي ها هو ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهي؟

مشي خان سموري شوبز انڊسٽري طرفان ريحام خان کي جواب ڏيندي چيو ته اسان کي حق آهي ته اسان ڪنهن جي حمايت ڪريون ۽ ڪنهن جي حمايت نه ڪريون

جواب ڏيندي ريحام خان لکيو ته هي اها ئي آهي نه جنهن کي مون فلم ۾ پڦي جو رول ڏنو هو؟ جنهن جي جواب ۾ مشي خان لکيو ته ان وقت عمران خان سان تنهن جي شادي ٿي، وري 6 مهينن م عليحدگي به ٿي وئي، تڏهن توهان جو نالو هو، پر هاڻي ڪو نالو ئي ناهي هاڻي توهان جو اهو چوڻ ته ڪاسٽ ڪيو هو، ڪا معنيٰ نٿو رکي. هن لکيو ته آئون عمران خان جي دوست نه پر ان جي پرستار آهيان