اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف عهدو سنڀالڻ بعد صدر عارف علوي سان پهرين ملاقات ڪئي، وزيراعظم ايوان صدر پهچي صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ 15 کان 17 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، چئني صوبن ۾ گورنرز جي مقرري، ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، ايوان صدر مان جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.