شهباز حڪومت ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اضافو جاري، 4 ڏينهن ۾ 6 رپيا مهانگو ٿي ويو

0
372
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) شهباز شريف حڪومت ۾ به  پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ تنقيد ڪندڙ گڏيل اپوزيشن جي حڪومت ۾ ڊالر بي قابو ٿي ويو آهي

هن وقت انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 1.33 رپيا مهانگو ٿي ڪري 187.25 رپيا في ڊالر ٿي ويو آهي، اهو مسلسل چوٿون ڏينهن آهي جو جڏهن ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ چئن ڏينهن ۾ ڊالر 5.70 رپيا مهانگو ٿيو آهي

واضح رهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ ڊالر ۾ ٿورو به اضافو ٿيندو هو ته شهباز شريف دانهون ڪندو هو ته نا اهل حڪمران آهن جن جي ڪري ڊالر مهانگو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي هر روز ڊالر مهانگو ٿيندو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

پاڪستان ۾ سون جو في تولو 900 رپيا مهانگو ٿي ويو