اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت ادارن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪري رهي آهي، جمهوريت ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ شفاف چونڊون ڪرائڻ سٺو رستو آهي. پارٽي اڳواڻ بابر اعواڻ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حڪومت ادارن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، جيڪو عمل جمهوريت جي خلاف آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ شفاف چونڊون ڪرائڻ ئي بهتر رستو آهي، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد شفاف چونڊون ڪرائي جمهوري قدم کڻي. بابر اعواڻ چيو ته حڪومتي اتحاد قانونسازي جي نالي تي غير جمهوري قدم کڻي رهيو آهي، آئيني ۽ قانوني طرح سان جمهوريت جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو، آئيني معاملن بابت جلد عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.