اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ناڻي ڪاميٽي پاران بجيٽ تي تيار ڪيل سفارشن جي منظوري ڏيندي سفارشون قومي اسيمبلي کي اماڻي ڇڏيون آھن، سينيٽ پاران  منظور ٿيل سفارشن  ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي سرڪاري ملازمن پگهارن ۾ گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي آفيسرن جي پگهارن کان وڌيڪ اضافو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي ڪاميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا بجيٽ سفارشن تي ٻڌل ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي سينيٽ منظور ڪندي سفارشون قومي اسيمبلي کي موڪلي ڇڏيو، منظور ڪيل بجيٽ سفارشن ۾ چيو ويو آھي ته گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي ملازمن کان وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي، ننڍن رٽيلرن کي ٽيڪس چوٽ ڏني وڃي، فاٽا جي ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل ضلعن کي ايڪسائيز ڊيوٽي کان چوٽ ڏني وڃي، سوڊا انرجي ڊرنڪس ۾ کنڊ جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، دوائن جي فيڪٽرين کي رهيل 40 ارب جون رهتون فوري ادا ڪيون وڃن. جي يوآءِ سينيٽر طلحه محمود جي فائوڊيشن کي ٽيڪس چوٽ ڏيڻ، ناڻي ڪاميٽي غير متحرڪ ملڪيتن تي لڳايل ٽيڪس تجويز واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ان تجويز کي آئين جي خلاف ۽ صوبن جي دائري ۾ ايندڙ ٽيڪس قرار ڏنو آھي، بيڪري شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ساڍا ست سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آھي ائين ماهورا هڪ لک تائين آمدني کي ٽيڪس کان آجو قرار ڏيڻ واري تجويز به ڏني آھي، ريلوي لاءِ امپورٽ ٿيندڙ شين کي ٽيڪس چوٽ ڏيڻ دوائن جي را مٽيريل تي لاڳو سترنهن سيڪڙو سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.