ڪراچي (م ڊ) روسي قونصل جنرل آندري وڪٽرووچ فيڊروف پي ٽي آءِ حڪومت  جي روس سان تيل خريداري جي معاهدي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچي ۾ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي روسي قونصل جنرل چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، اسان پاڪستان کي دوست ملڪ سمجهون ٿا ۽ پاڪستان مان به روس کي دوست ملڪ سمجهڻ جي اميد رکون ٿا.هن پاڪستان سان واپاري ۽ معاشي سهڪار قائم ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ فائدو کڻي سگهن ٿا پر اولهه طرفان لڳايل غيرقانوني پابنديون واپار جي عمل کي متاثر ڪري رهيون آهن، ان مسئلي جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. روسي قونصل جنرل اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي روس دوري ۾ غور هيٺ آيل معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي پر هن پاڪستان طرفان تيل خريداري جي معاهدي يا پاڪستاني وزيرن طرفان روس سان واپاري رابطي جي تفصيلن تي لاعلمي جو اظهار ڪيو. گڏوگڏ هن اهو به چيو ته اهي معاملا غور هيٺ ضرور رهيا آهن.