لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چونڊ مهم لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. پارٽي ذريعن موجب عمران خان ڊاڪٽرن کان اجازت ملڻ بعد حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ پاڻ ميدان ۾ لهندو. پارٽي ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم پارٽي اڳواڻن کي جلسن جو شيڊول تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته چونڊ مهم دوران رجيم چئينج آپريشن سان گڏ مهانگائي کي ايشو بڻايو ويندو. ذريعن موجب عمران خان معاشي ٽيم کي معاشي بحران بابت تجويزن تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي، مُلڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عمران خان روڊ ميپ ڏيندو. پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف جو  پيغام گهر گهر پهچايو ويندو.