اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب پارليامينٽ جون سموريون آفيسون 3 ڏينهن لاءِ بند ڪيون ويون آهن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جون آفيسون مڪمل بند رهنديون، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ صورتحال جو فوري طور نوٽيس وٺندي لاڳاپيل سيڪريٽرين کي مسئلي جو فوري حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته اها به هدايت ڪئي وئي ته پارليامينٽ جي عمارت کي فوري طور سيل ڪري وائرنگ کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ عمارت جي مڪمل صفائي ڪرائي وڃي، سينيٽ سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪوبه جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو، تنهن هوندي به احتياطي طور سموري فنڊنگ جو معائنو ڪيو ويندو.جڏهن ته سينيٽ جو اڄ سومر ڏينهن رٿيل اجلاس هاڻ خميس 26 جنوري تي صبح 11 وڳي ٿيندو.