اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن محسن رضا نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 224 اي تحت محسن رضا نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبر محسن رضا نقوي جي نالي تي اتفاق ڪيو، محسن رضا نقوي جو نالو اپوزيشن طرفان تجويز ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پنجاب جي وڏي وزير، صدر ۽ وزيراعظم کي به موڪلي وئي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ موڪليل چئني نالن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن کي چئني نامزد اميدوارن جو تفصيلي پورٽ فوليو فراهم ڪيو ويو، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر 20 جنوري جي رات نگران وڏي وزير جي مقرري جو مامرو اليڪشن ڪميشن کي موڪليو هو، حڪومت جي طرفان احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيما جا نالا پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لاءِ تجويز ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اپوزيشن طرفان محسن رضا نقوي ۽ احد چيما کي نگران وڏي وزير جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ چئني نالن تي غور بعد محسن رضا نقوي جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو جنهن کان پوءِ محسن رضا نقوي کي پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف نوٽيفڪيشن ملڻ بعد گورنر هائوس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، گورنر بليغ الرحمان نئين نگران وڏي وزير  سيد محسن رضا نقوي کان حلف ورتو، حلف برداري تقريب ۾ اڳوڻو گورنر چوڌري سرور، سياسي سماجي شخصيتن، عزيزن ، دوستن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.