اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت ۽ اتحادين پاران عمران خان کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو، عمران خان جي گرفتاري جو به اشارو، وفاقي ڪابينا اڄ ريفرنس داخل ڪرڻ، پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ، پارٽي تي پابندي لڳائڻ سوڌو مختلف مامرن جي منظوري ڏيندي.

ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي اتحادي پارٽين ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان، نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز، پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سوڌو متحده ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف، اسحاق ڊار شرڪت ڪئي، سيد خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ قائم سياسي ڪاميٽي ۽ قانون وزير جي سربراهي ۾ قائم ٿيل قانوني ڪاميٽي فيصلي جي تفصيلن ۽ ان بابت ايندڙ حڪمت عملي بابت سفارشون پيش ڪيون، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ وٺڻ واري مامري تي اليڪشن ڪميشن جي آيل فيصلي تي مشاورت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ وفاقي حڪومت ۽ اتحادين پاران عمران خان کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ واري فيصلي تي وفاقي ڪابينا اڄ ريفرنس جي منظوري ڏيندي، تحريڪ انصاف سوڌو ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته عمران خان ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو اڄ ڪابينا ڪندي. اجلاس جون سفارشون وفاقي ڪابينا کي اماڻيون ويون. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو ته پرڏيهي فنڊنگ جي حوالي سان اڄ ڪابينا ۾ اهم فيصلا ٿيندا، اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ مختلف ڏوهن جي نشاندهي ڪئي آهي، فيصلي ۾ ملڪ دشمني، مني لانڊرنگ جي باري ۾ به ٻڌايو ويو آهي، اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ يا گرفتاري ٺهي ٿي ته اها به ٿيندي، پوڻا 4 سال ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو آهي.

اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان چيو ته حڪومت ۽ اتحادين عمران خان کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پابندي پيل فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي اڄ وفاقي ڪابينا ريفرنس جي منظوري ڏيندي، عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو به ڪابينا ڪندي. هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف فرد جرم آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان غيرملڪي ايجنٽ ۽ ڪٺ پتلي آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ هاڻي عمران خان صادق ۽ امين نه رهيو آهي،

پر هو ڪوڙو ۽ خيانت ڪندڙ بڻجي چڪو آهي، صرف عمران نه پر پورو ٽولو مجرم آهي، عمران خان کي پارٽي عهدي تان ۽ صدر علوي کي به صدر مملڪت جي عهدي تان فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي. فضل الرحمان چيو ته عمران کي تاريخ ۾ عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي، پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته اڪبر ايس بابر چئي چڪو آهي ته هن 2011ع ۾ ذاتي طور عمران خان کي ان ڏوهه کان آگاهه ڪيو هو، ، هو اليڪشن ڪميشن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، فيصلي ۾ 2013ع تائين جو حساب آهي، جنهن مان ان طرح جي چوري نڪري سامهون آئي آهي، اسان سوچيون ٿا ته 2013ع کان پوءِ جو به هن کان حساب ورتو وڃي، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جون فوري طور تي گرفتاريون عمل ۾ آڻڻ گهرجن،

هاڻي عمران جو اهو چوڻ ته مون کي خبر ناهي اهو بهانو آهي، پي ڊي ايم سربراهه چيو ته هن وقت مسئلو رياست جي بقاءَ جو آهي، رياست جي بقاءَ لاءِ سمورن ادارن کي متحد ٿي ملڪ کي بچائڻ گهرجي، ٻيو ڪو آپشن نه رهيو آهي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪمران اتحاد جي اڳواڻن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ نواز ليگ قائد نواز شريف اتحادي جماعتن کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وڃي ته ان ريفرنس کي فل ڪورٽ ٻڌي. نواز شريف چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا تي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن سان رعايت نه ڪئي وڃي، عمران خان سي پيڪ کي رول بيڪ ۽ ڪشمير جو سودو ڪرڻ ۾ به سڌي ريت ملوث آهي.