اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻي ترميم جو بل منظور ڪري ورتو، بل تحت نيب 50 ڪروڙ کان گهٽ رقم جي ڪرپشن ڪيس تي ڪارروائي نه ڪري سگهندي، احتساب عدالتن جي ججن جي مقرري ۾ صدر جا اختيار ختم ڪري وفاقي حڪومت حوالي ڪيا ويا آهن،

تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ قانون جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ رولز معطل ڪري نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻئين ترميم جي بل تي قانون وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، رول معطل ڪرڻ کان پوءِ قانون جي مملڪتي وزير نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻئين ترميم جو بل منظوري لاءِ غور هيٺ آڻڻ لاءِ پيش ڪيو، نيب ترميمي بل جي سيڪشن 2 ۾ ن ليگ جي زهرا ودود فاطمي ترميم پيش ڪئي جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڄاڻايل بل کي اڪثريت راءِ سان قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو آهي،

منظور ٿيل بل نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻي ترميم جي بل ۾ چيو ويو آهي ته نيب حڪومتي ايمنسٽي اسڪيم جي ڏي وٺ جي مامرن تي به ڪارروائي نه ڪري سگهندي، ان سان گڏ رياستي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سوڌو بورڊ آف ٽرسٽيز خلاف به ڪارروائي نه ٿي سگهندي، نيب 50 ڪروڙ کان گهٽ رقم جي ڪرپشن جي ڪيسن تي ڪارروائي نه ڪري سگهندي، صدر وفاقي حڪومت جي سفارش تي نيب جو پراسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪري سگهندو، پراسيڪيوٽر جنرل جي ملازمت جي مدت ۾ ٽن سالن جي وڌيڪ توسيع به ٿي سگهندي، نيب جي دائري ۾ ايندڙ ڏوهن جي ٽرائل لاءِ وفاقي حڪومت ضرورت مطابق احتساب عدالتون قائم ڪري سگهندي،

احتساب عدالتن ۾ لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس جي مشاورت سان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن يا ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٽن سالن لاءِ مقرر ٿي سگهندا، جن کي وفاقي حڪومت چيف جسٽس جي مشاورت کانسواءِ مدت مڪمل ٿيڻ کان اڳ هٽائي نه سگهندي، احتساب عدالتن جي ججن جي مقرري جو صدر جو اختيار ختم ڪري احتساب عدالتن جي ججن جي مقرري هاڻي وفاقي حڪومت  ڪري سگهندي، نيب ملزم جو ٽرائل صرف ان ڪورٽ ۾ ٿي سگهندو

جنهن عدالت جي حدن ۾ جرم ٿيو هجي، نيب جاچ مڪمل ٿيڻ  کان پوءِ ريفرنس داخل ڪري سگهندي، جيڪو حتمي تصور ٿيندو، ان کان پوءِ ضمني ريفرنس صرف ان صورت ۾ داخل ٿي سگهندو جڏهن جاچ ۾ ڪي نيون حقيقتون سامهون اچن، پلي بارگين تحت رقم واپس ڪرڻ ۾ ناڪامي تي پلي بارگين کي غير موثر تصور ڪيو ويندو، ملزم پلي بارگين جي حڪم کي چيلينج ڪري يا عدالت جي اهو علم ۾ اچي ته پلي بارگين جبري طور ڪرائي وئي ته عدالت ان کي ختم ڪري سگهندي،

چيئرمين نيب پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي مشاورت سان ان ريفرنس تي ڪارروائي ملتوي يا ان کي واپس وٺي سگهندو، جوابدار آزاد قرار ڏنو ويندو، نيب کي هاءِ ڪورٽ جي مدد سان نگراني جي اجازت جا اختيار به واپس ورتا ويا آهن، نيب ملزم جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪنهن ٻي سرڪاري ايجنسي کان مدد نه وٺي سگهندي، ٻئي طرف قومي اسيمبلي قانونن جي پبليڪيشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري و رتو آهي.