پنوعاقل: ڪچي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، دبر مان اغوا ٿيل 4 ڄڻا بازياب

0
139
پنوعاقل: ڪچي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، دبر مان اغوا ٿيل 4 ڄڻا بازياب
پنوعاقل: ڪچي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، دبر مان اغوا ٿيل 4 ڄڻا بازياب

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس پاران 4 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

ڪچي واري علائقي ۾مبينا پوليس مقابلو ٿيو، دبر مان اغوا ٿيل 4 ڄڻا بازياب ٿي ويا

پوليس پاران ڪچي مان شڪيل، فدا ملاح،سرفراز سهتو ۽ مصور کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

پوليس موجب الف ڪچي ۾ سرچ آپريشن دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوهاري زخمي بھ ٿيا

ايس ايس پي سنگھار ملڪ موجب مغوين کي  بازياب ڪرائڻ دوران ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي، چئني مغوين کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو