ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اي اڳواڻ اسد عمر توهين اليڪشن ڪميشن نوٽيسز خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تڪڙي ٻڌڻي لاءِ اپيل داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويوآهي ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس جاري نٿي ڪري سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسد عمر چيو ته جيڪڏهن رڳو دعوائن تي هلون ته پوءِ ڪراچي ۾ پاڻي  کوٽ، گند ڪچري ۽ امن امان جو مسئلو نه هئڻ گهرجي ها،  هن چيو ته 15 جنوري پري ناهي، حڪمران  اتحاد انهي کان اڳ ميدان مان ڀڄي ويندو ،