لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري دعويٰ ڪئي آهي ته باغي اڳواڻ عليم خان ۽ جهانگير ترين ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اعلان ڪندا. هن ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته ٻنهي اڳواڻن سان رڳو پنجاب جا 30 کان وڌيڪ ايم پي اي ۽ 11 ايم اين اي گڏ آهن. اهي سمورا ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿيندا.