لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ وڏي وزير پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه ورتو، اپوزيشن هنگامو ڪيو ۽ گوڙ ۽ احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪري ورتو. پنجاب اسيمبلي جو اهم اجلاس ڪالهه اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيو. اسپيڪر وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چوڻ بدران سوالن جوابن جو وقفو شروع ڪرايو ته هنگامو ٿي ويو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ به موجود هئا. حڪومتي ميمبرن ٻنهي خلاف نعريبازي شروع ڪئي. جنهن تي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ تي اپوزيشن به هنگامو ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو. ايجنڊا جي ڪاپين کي ڦاڙي ان جا جهاز ٺاهي اڏاريا ۽ حڪومتي ميمبرن طرف اڇلائيندا رهيا. فياض الحسن چوهان کي به جهاز هنيو ويو پر هو خاموش رهيو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ جي رانا مشهود احمد خان چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪيترائي سال عمراني راند جو سلسلو جاري رهيو عمران معيشت تباهه ڪئي، نوجوان نسل کي بدتميز ڪيو ۽ ڪرپشن جي سونامي کڻي آيو. هن چيو ته قنديل بلوچ کي قتل ڪيو ويو مومنه وحيد به چيو ته جنسي درندي کي پاڪستان تي ٿاڦيو ويو، عمران اقتدار جو ايترو بکيو آهي جو جڏهن هارائيندو هو ته چوندو هو ٻيهر اليڪشن ڪرايو، سي پيڪ عمران جي ڌرڻي جي ڪري ليٽ ٿيو. گهن چيو ته جڏهن پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو ته چيو نئين چونڊ ڪرايو، پهرين سائفر ۽ ايبسوليوٽلي ناٽ جو ڊرامو ڪيو پرويز الاهي کي آئيني طريقي سان اعتماد جي ووٽ جو چيو ته عدالت هليو ويو. هن چيو ته پرويز الاهي عدالتي وڏو وزير آهي، اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ تي هو وڏووزير نه رهيو آهي، پولٽري، اٽي ۽ کنڊ ۽ گيهه جو بحران پيدا ڪري کيسا ڀري رهيا آهن، پنجاب جا ماڻهو ٻن وقتن جي ماني کي سڪي رهيا آهن ۽ مونس الاهي پئسا گڏ ڪري عياشيون ڪري رهيو آهي.