ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيسڪول ۾ 54 ارب رپين کان وڌيڪ جي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ نيشنل بينڪ جي اڳوڻي صدر اقبال اشرف جي ضمانت منظور ڪري پنجن لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  واضح رهي ته اسپيشل بينڪنگ ڪورٽ 17 جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي هئي، ايف آءِ اي پاران حيسڪول ۽ نيشنل بينڪ جي 26 آفيسرن خلاف 54 ارب رپين جي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.