ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن بابت ايف آءِ اي کي درخواست ڏيندڙ ڊاڪٽر طارق شيخ الزامن تان هٿ کڻي ويو، جنهن بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر طارق جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي اصيل درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي،