ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري برطانيه  جي ليکڪ ۽ يونيورسٽي آف ايڪسيٽر جي ڊائريڪٽر رچرڊ اسٽون مين سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو، رچرڊ اسٽون مين ماڳ جا مختلف ايرياز اسٽوپا، گريٿ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ميوزيم سميت ٻيا قديمي آثار گهمي ڏٺا. برطانوي ليکڪ کي مقامي گائيڊر جاويد شيخ موهن جي دڙي جي آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. رچرڊ اسٽون مين  تاريخ ثقافت ۽ سفر جو مصنف، ليڪچر  ۽ ڪنسلٽنٽ پڻ آهي. دوري دوران برطانيه جي ليکڪ چيو ته سر آر ڊي بئنرجي  1922ع ۾ موهن جو دڙو جي کوٽائي ڪئي، موهن جي دڙي جي تهذيب دنيا اندر حيرت انگيز ماڳ طور سڃاتي وڃي ٿي، پاڪستان ۾ ڪيترائي اهڙا ماڳ آهن جن تي سياحن کي فخر ڪرڻ گهرجي، موهن جو دڙو جي تهذيب ان جو بهترين مثال آهي، دنيا جي سياحن کي وڌ وڌ هتي اچي ماڳن جو دورو ڪري معلومات وٺڻ گهرجي