ڄامشورو(رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران يونيورسٽي ۾ پوائنٽ بسون کي وڌائڻ ۽ شاگردن کي سٺيون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سينٽرل لائبرري وٽ شاگردن پاران ڌرڻو هڻي شديد نعريبازي ڪئي انھي موقعي تي شاگرد اڳواڻن هالار جمالي،ذاڪر زرداري،اياز نوحاڻي،علي ابڙو،جنيد گاڏهي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي مختلف روٽن تي هلندڙ بسون ۾ شاگرد لڙڪي لڙڪي سفر ڪرڻ تي مجبور آهن شاگردياڻين کي بسون جي فرش تي ويهي سفر ڪرڻو پوي ٿو پر انتظاميا بسون وڌائڻ لاءِ تيار ناهي جنھن ڪري اسان کي شديد پريشاني ٿي رهي آهي انتظاميا فوري طور تي اسان جا مسئلا حل ڪري ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ٽرانسپورٽ انچارج مهر علي قاضي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگردن کي سڀ سهولتون ڏنل آهن صبح جي وقت 25 بسون شاگردن لاءِ آهن جيڪي شاگردن کي ڄاڻايل هنڌن تان کڻنديون آهن پر شاگرد سهولتون لاءِ نه پر ڪنھن جي چرچ تي احتجاج ڪري رهيا آهن شاگردن کي ڪنھن جي اشارن تي هلڻ کان بهتر آهي ته تعليم طرف ڌيان ڏئين.