حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان بجلي جي ٿنڀي تان ڪري هڪ لائين مين فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو حيسڪو چيف معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي, ٻڌايو پيو وڃي ته ھوسڙي جي علائقي گاجا موري وٽ بجلي جي مرمتي ڪم دوران ٿنڀي تان رسو ٽٽڻ سبب 2 لائين مين هيٺ ڪري پيا, واقعي ۾ سڪندر ٿيٻو فوت ۽ سردار احمد نالي لائين مين زخمي ٿيو اطلاع تي ايڪسيين ٽي ايل جي ٽيم پهچي ايڌي معرفت فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي ۽ زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو, حيسڪو ترجمان محمد صادق ڪٻر جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل علائقي ۾ بجلي جو مرمتي ڪم هلي رهيو آهي ان ڪري ٽرانسميشن لائين جو عملو ويل هو هن دعوي ڪئي ته بجلي بند هئي پر اتي موجود ٻئي عملي کين ٻڌايو آهي ته ٿنڀي تي ٻڌل رسو ٽٽڻ سبب ٻئي لائين هيٺ ڪري پيا هئا جنهن بعد لائين مين سڪندر ٿيٻو فوت ٿي ويو ۽ لائين مين سردار زخمي ٿيو ترجمان موجب فوتي لائين مين ڄامشورو جو رهواسي آهي جنهن جو لاش سندس وارث کڻائي ويا جڏهن ته زخمي لائين مين سردار احمد حسين آباد ۾ قائم واپڊا ڪالوني جو رهواسي آهي جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن واقعي جو حيسڪو چيف محمد خان سوهو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر سيفٽي مشتاق احمد دايو جي سربراھي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ترجمان موجب ته سي اي او پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو ٽن ڏينھن دوران جاچ مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪري. هوڏانهن علائقي ۾ افواه آهن ته ٻئي لائين مين ٿنڀي تي چڙهي مرمتي ڪم ڪري رهيا هئا ته اوچتو بند پيل بجلي بحال ٿي ۽ ان دوران ٻنهي ڄڻن کي ڪرنٽ لڳو جنهن سبب ٻئي ڄڻا هيٺ ڪري پيا هئا پر حيسڪو عملدار ان ڳاله کي ڪوڙو قرار پيا ڏين.