نصيرآباد (ن پ ا ) بدامني خلاف نصيرآباد پريس ڪلب پاران آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي ،ٽائون ھال ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جمعيت علماءِ اسلام، قومي عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو گروپ) ترقي پسند پارٽي، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن، شھري اتحاد، پاڪستان تحريڪ انصاف، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي، تعلقه پريس ڪلب، سچل پريس ڪلب سميت واپارين ۽ شھرين کي وڏي انگ ۾شرڪت  ڪئي.، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي بشير لغاري کان ٿيل ڦر ۽ تشدد وارو واقعو سوچيل سمجھيل سازش آهي، ڪيس داخل ھجڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن،واپاري سنتوش ڪمار کان ھٿيار بندن 4 لک ڦري فرار ٿي ويا،هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته شھر جو امن امان بحال نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج جو آغاز ڪيو ويندو، ان موقعي تي آرٿر واھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ ھنيو ويو.