ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڦهليل بيمارين تي ضابطو نه آيو، 6 ٻارن سميت وڌيڪ 8 ڄڻا فوت، ٺل اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مليريا ۾ مبتلا معصوم ٻارڙو ماءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو، خبر موجب ٺل ۾ ڳوٺ شير خان کوسو واسي 2 ورهين جي عبدالطيف ڀٽي کي مليريا سبب تعلقي اسپتال علاج لاءِ آندو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري ٻارڙو ماءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، مڙهه گهر منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس نه ملڻ سبب وارث موٽر سائيڪل تي کڻي ويا، ٻئي پاسي ڳوٺ عودي شريف ۾ 4 ورهين جي ٽميه ڌيءُ بابن سرڪي ۽ سندس سئوٽ 3 ورهين جو ارسلان مليريا سبب فوت ٿي ويا، ڳوٺ ٻچڙو ۾ 5 ورهين جي نينگري زينب خاتون لاشاري مليريا سبب فوت ٿي وئي، باھو کوسو ۾ 2 ورھين جو ديدار پٽ خادم مرھيٽو ۽ ڳوٺ پھرالدين سندراڻي ۾ 5 ورھين جي صائمه ڌيءُ غلام شبير لاشاري مليريا وگهي فوت ٿي ويا، باھوکوسو ۾ مليريا سبب 4 ورھين جي عصمه ڌي رحمدل فوت ٿي وئي، دوداپور ڀرسان ڳوٺ نور محمد لھر ۾ 60 ورھين جو ديدار لھر مليريا سبب فوت ٿي ويو، ڳڙهي حسن جي ڳوٺ شاھجان سرڪي ۾2 سالن جو بھرام ڪنراڻي تيز بخار سبب اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ڳوٺ عبدالقادر کوسو جو رهواسي 18سالن جو نوجوان طفيل احمد پٽ راهب ڪيهر مليريا سبب دم ڏنو.