حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صحت کاتي، ڊبليو ايڇ او ۽ هڪ غير سرڪاري تنظيم طرفان پوليو جي ڦڙن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تعلقي اسپتال قاسم آباد ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. جاڳرتا ريلي ”پوليو جا ٻه قطرا ھر ڀيري درست فيصلو“ جي موضوع هيٺ ڪڍي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار کوسو، ڊاڪٽر نياز حسين ٻٻر ۽ ٻين چيو ته 24 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر تائين حيدرآباد ۾ پوليو مهم شروع ٿي رھي آھي جنهن دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 3 لک 58 ھزار 26 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. ھنن چيو ته پوليو ھڪ لا علاج مرض آھي تنھن ڪري والدين کي گهرجي ته ھو پنھنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري کين پوليو جهڙي موذي مرض کان تحفظ ڏين. ھنن چيو ته ھلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 20 ڪيس ظاھر ٿيا آهن. والدين کي گھرجي ته هو پوليو جي ٽيمن سان سھڪار ڪري کين ان بيماري کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين.