ھالا(ن پ ا) کنڊو جي رھواسڻ شادي شده نوجوان ناري شبنم خانزادو پنھنجي امڙ نسيم خانزادو سان گڏ پنھنجي مڙس جي زيادتين خلاف پنهنجي آفيس ھالا۾  احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھ وقت اڳ مائٽن جي رضا خوشيءَ سان ھالا پراڻا جي رھواسي ملوڪ ماڇي سان شادي ڪئي هئي. شادي بعد مڙس نشي جو عادي ٿي ويو ۽ سخت مارڪٽ ڪرڻ لڳو. ھن ٻڌايو ته ڊليوري جي وقت مڙس اسپتال ۾ ئي ڇڏي ھليو ويو ۽ اسپتال جو خرچ به نه ڏنو ۽ ھاڻ به نه گھر جو خرچ ڏئي ٿو ۽ نه ئي ٻار جو خرچ ڏئي ٿو. ھن ٻڌايو ته مڙس نشي جي حالت ۾ پنھنجي پيءُ حاجي خان ماڇي ۽ ڀاءُ اڪبر ماڇي جي چوڻ تي گھر ۾ اچي مون کي ۽ منھنجي معصوم پٽ کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته موالي مڙس مان جان ڇڏائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.